اسلام آب??د– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نون چونڊيل سينيٽرن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون جمهوري عمل جو تسلسل آهن، اميد آهي ته نوان چونڊيل سينيٽرز آئ??ن جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته نوان چونڊيل سينيٽرز عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ حصو وٺن، وفاقي ڌرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پا??داري جي لاءِ سينيٽرز جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.