ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ۽ ا??ران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صد?? آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر غز?? ۾ ??نساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ??ندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صد?? آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صد?? آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهش?? جو اظهار ??يو.