اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه پهچڻ ۽ فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ??رڻ ۾ ن??ڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ ??ار?? قرارداد جي مسودي کي ويٽو ??رڻ جي آمريڪي فيصلي تي افسوس آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل قومن ۾ شامل ??رڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن ??ان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي صحيح ??رڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انهن جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحدن جي اندر هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاص?? آهي جنهن جو گادي ??ار?? شهر القدس الشريف هجي.