اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌمت جي باني گوتم ٻڌ سان منسوب ڏڻ ويساڪ جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ اي??س تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ويساڪ جي ڏينهن جي موقعي تي ٻڌمت مذهب جي پيروڪار دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. هي ڏينهن س??ني جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو پنهنجي گڏيل ورثي کي اجاگر ڪريون ۽ گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جي لاءِ ڪوششون جاري ر??ون.