اسلام آباد-04 جون (اي پي پي)رٿ??بندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اح??ن اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌ??ئڻ تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿيندڙ بزنس ٽو بزنس فورم ۾ پاڪستان ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. اح??ن اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌ??ئڻ تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا??وباري سهڪار وڌ??ئڻ جي ڪوششن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. اح??ن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪا??ڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي واپارين کان ڪا??وبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪا??وبار ڪندڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ان لاءِ کين معاشي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اح??ن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي واپار ۽ ڪا??وبار کي وڌ??ئڻ لاءِ سي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪومت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپلاءِچين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي.