اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، هنزه ۾ آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ جي اهتمام هي?? سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊ??ول??مينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده رحيم آغا خان پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس رحيم آغا خان کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ جي اهتمام هي?? سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ جي اهتمام هي?? گلگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ مرڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عوام جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم آغا خان ڊ??ول??مينٽ نيٽ و??ڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.