ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان مضبوط ارادي ۽ گڏيل بصيرت سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، ب??وچستان ۾ پيش ايندڙ تازي دل ڏکوئيندڙ ??اق??ي تي پوري پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، دهشتگردي جي ڪڌي منصوبي تحت بيگناهه پاڪستانين جو رت وهائيندڙ خارجي دهشتگردن کي چيڀاٽيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، ب??وچستان جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، ب??وچستان جو وڏو وزير ??ير سرفراز بگٽي، وفاقي گهرو وزير ??حسن نقوي، منصوبابندي وارو وفاق?? وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، ڪور ڪمانڊر بلوچستان راحت نسيم احمد، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو جيڪو ??اق??و پيش آيو اهو انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي، ان ??اق??ي سان پوري پاڪستان جي عوام ۾ ڳڻتي جي لهر آهي، ان افسوسناڪ ??اق??ي تي پوري پاڪستاني قوم ڏکويل آهي پر اسان واضح ڪريون ٿا ته اسان گڏيل بصيرت ۽ مضبوط ارادي سان بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، ب??وچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي جنهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ خارجي عنصرن دهشتگردي جو منصوبو ٺاهيو ۽ بيگناهه پاڪستانين جو رت وهايو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ايف سي، ليويز اهلڪارن سميت عام شهري شامل آهن پر شهيدن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ فوج، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ۽ بلوچستان جي وڏ?? وزير جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي، دهشتگردي پوري پاڪستان ۾ 2018ع کانپوءِ جيڪو ٻيهر ڪَر کنيو آهي ان کي چيڀاٽيو ويندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح، علامه محمد اقبال جي راهه تي هلندي ملڪ جي استحڪام جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مضبوط ارادي سان گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين.