اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو استحقاق آهي، عدالتي فيصلن جي باري ۾ راءِ ڏئي سگهجي ٿي، خاص سيٽن جي حوالي سا?? قانون واضح آهي ته آزاد اميدوارن کي ٽن ڏينهن ۾ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻي هوندي آهي، سپريم ڪورٽ جي تفصيلي عدالتي فيصلن نظرثاني جي درخواستن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، عدالتي فيصلي ۾ هڪ اهڙي پارٽيءَ کي رليف ڏنو ويو آهي جيڪا ڌُر ئي نه هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص سيٽن تي تفصيلي عدالتي فيصلي جي حوالي سا?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت پارليامينٽ مان ئي نڪتي آهي ته پارليامينٽ جيڪي قانون بڻايا آهن، ظاهر آهي ته حڪومت کي اهو به ڏسڻو هوندو آهي، عدليه ??ئي?? جي تشريح ڪري ٿي، جڏهن اسان آياسين ته نگران حڪومت هلي وئي، 8 فيبروري جون چونڊون ٿيون ۽ پوري قوم کي خبر آهي ته جهڙيءَ طرح اهي چونڊون يقيني بڻايون ويون ان جو ڪريڊٽ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڏانهن وڃي ٿو. هن قدم کنيا ۽ سپريم ڪورٽ جي بينچ آرڊر ڪيو ته چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ٿينديون. اعظم نذير تارڙ چيو ته خاص سيٽن جي حوالي سا?? قانون واضح آهي ته جيڪڏهن ڪو ميمبر آزاد حيثيت ۾ چونڊجي اچي ته چونڊون کٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر کيس ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻي هوندي آهي ۽ اهو هاڻ قانون تحت ناقابل واپسي آهي. هن چيو ته چونڊ ايڪٽ ۾ ٻه بنيادي ترميمون ڪيون ويون آهن، آزاد اميدوار ڪنهن به پارٽيءَ ۾ شموليت جو عمل ناقابل واپسي آهي، ??ئي?? جي آرٽيڪل 51 تحت سيٽن جي ورهاست قانون مطابق ٿيندي، پارليامينٽ وٽ قانونسازيءَ جو مڪمل اختيار آهي. قانون واري وزير چيو ته اڄ جي عدالتي فيصلي ۾ قانونسازي جي حوالي سا?? معاملن تي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي، درخواست موجب فيصلو ڏنو وڃي ٿو پر اهو درخواست جي ابتڙ ڏنو ويو، نظرثاني جي اپيل غير اثر نه ٿي ڇاڪاڻ ته ??ئي?? تحت قانون حق ڏئي ٿو ۽ سياسي پارٽي جون نظرثاني درخواستون پيل آهن، اڄ جي تفصيلي فيصلي انهن نظرثاني درخواستن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. هن چيو ته آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا جنهن کانپوءِ اهو معاملو ختم ٿي ويو، آزاد اميدوارن اهو نه چيو ته اسان جو تعلق پي ٽي آءِ سا?? آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڏا دليراڻه اخت??اف?? نوٽ لکيا ويا، اختلاف ئي بحث ۽ منطق جو حسن آهن. هن چيو ته ملڪي معاملا قانون موجب ئي هلندا، اليڪشن ڪميشن هڪ ??ئي??ي ادارو آهي.