لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل لاهور مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهبي کاتي مطابق مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪ??و. ??يڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي موجود هئا. آمريڪي سفير ۽ قونصل جنرل طرفان درٻار شريف ??ي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪي سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ??من بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ??من ?? حضرت داتا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪ??و. ??خر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آمريڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.