اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پا??لياماني وفد 13 کان 19 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چيو ته اسپين جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، پنجاب جي و??ير??عليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اسيمبلي جي اسپي??ر ملڪ محمد احمد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ڌرين ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ س??احت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ڌرين تعليم، زراعت، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پا??لياماني مصروفيتن جي مثبت ڪردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پا??لياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.