اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? گذريل ڏينهن احتجاج دوران شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز خان جي جنازي نم??ز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چڪلاله، راولپنڊي ۾ پڙهي ويندڙ جنازي نم??ز ۾ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ ا??له تا??ڙ، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سول ۽ ملٽري آفيسرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڪنهن فساد ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار جا اهڙا قدم مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم احتجاج دوران پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڊيوٽي تي مقرر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پوري قوم احتجاج ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.