لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وز??ر عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪر??ار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ کي بنيادي حق حاصل آهن، مسيحي برادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪر??مس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ
اقليتن جي ڪر??ار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي تحفظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪت?? آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪر??مس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پورو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪر??مس جون خوشيون
ملهائينداسين، گرجاگهرن تي خصوصي طور رو??نين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مسيحي برادري جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏئي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مسيحي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ياد آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير مسيحي
برادري جي علائقن ۾ گرجا گهرن جي تعمير، مرمت ۽ رنگ رو??ن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وز??ر عطا الله تارڙ ڪر??مس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.