ڪوئيٽا -20 ڊسمبر (اي پي پي) ڪوئيٽا وادي سميت بلوچس??ان جي مٿانهين وارا علائقا شديد ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، ڪوئيٽا وادي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪاٽو 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو، روڊن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي ڄمي برف ٿي ويو. موسميات کا??ي مطابق سڀني کان گهٽ گرمي پد بلوچس??ان جي ضلعي قل??ت ۾ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي. صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ برسات جو ام??ان ناهي. زيارت ۾ گرمي پد ڪاٽو 6، نوڪنڊي ڪاٽو 2، سبي 4، جيواڻي 6، گوادر 10، تربت 8، خضدار 2 ۽ بارکان ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کا??ي مطابق صوبي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ ٿڌ جي لهر جاري رهندي.