اسلام آباد – 07 – ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪڙمه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??اتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار طيب شاهه، ??انس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود ۽ لانس نائيڪ حبيب الله جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل ??اتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.