اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي بحالي وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان مشڪل دو?? مان گذري رهيو آهي ۽ هي وقت نڪري ويندو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اخبار ??ڪرو ڪندڙن ۾ پاڪستان بيت المال ۽ اپيل پاڪستان جي اهتمام هيٺ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ به ڪورونا وبا انهي شدت سان آئي آهي پر الله جو شڪر آهي ايترو نقصان نه ٿيو جيترو ٻين ملڪن ۾ ٿيو.