اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چي?? آهي ته هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن ر??ت ڪم ڪري رهيا آهن، ??اڪستان حڪومت انهن جي حفاظت کي اولين ترج??ح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.