اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خ??اف ورزي تي سخت ??نت??امي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خ??اف ورزي ڪندڙن جي خ??اف سخت ??نت??امي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيز?? سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.