اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي م??ڪ واپس آڻينداسين، ن ليگ ملڪ کي ڪنگال ڪ??و، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي ضمانت ڏني ه??ي، جيڪڏهن نواز شريف ٺيڪ آهي ته ان جي اخلاقي ذميداري آهي ته هو واپس اچي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي مشڪلاتون آهن ۽ هي اتي عياشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، لنڊن مان نيون تصويرون موڪلي رهيا آهن، هن چيو ته ليگي قيادت سمجهي ٿي ته هو قانون جي دائري کان ٻاهر آهن پر اسان کين واپس آڻينداسين.