اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي عو??م جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جيئن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون ک?? فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عو??م جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هتي ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئ??ن تي ٻڌل لاڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چيو ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻ??ن اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.