اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن پاران راوي ريور فورٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ بنڊل آئي لينڊ منصوبن ۾ گهري دلچسپي جي اظهار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مقامي سيڙپڪارن جي اهم منصوبن ۾ دلچسپي خوش آئنده آهي، تعميرات جي شعبي جي ترقي سان نه رڳ?? ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ملندو ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ??ن سان دولت جي ??يداوار ۽ معيشت جو استحڪام پڻ ممڪن ٿيندو، حڪومت ڪاروباري سرگرمين جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ترجيحي ب??يا?? تي حل ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي ??اليوارن سيڙپڪارن ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو.