اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ ا??ر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1376 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 30 ماڻهو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جنهن مان 28 متاثر مريض ??سپ??الن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وا??رس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 35 هزار 745 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 530، پنجاب ۾ 14 هزار 109، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 219، اسلام آباد ۾ 5 هزار 740 ، بلوچستان ۾ 161 ، گلگت بلتستان ۾ 410، آزاد ڪشمير ۾ 576 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 17 هزار 86 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 870 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 130 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 242 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 40 هزار 251 آهي.