اسلام ??باد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان يوڪرائن لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) نوئيل اسرائيل کوکر ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??جب صدر عارف علوي نامزد سفير کي يوڪرائن ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان م??قعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان يوڪرائن سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير يوڪرائن سان پنهنجي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪندو