اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري ??زي?? نثار احمد فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ??ڪر ڪن??ي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.