پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخالف ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخالف ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن ??ي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ح??ومت هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چونڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چونڊ سڌارا سينيٽ چونڊن سميت چونڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته چونڊ سڌارا آڻڻ ??ي لاءِ ??ڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدران مخالف ڌر سينيٽ چونڊن ۾ کليل راءِ ??ماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دوران هارس ٽريڊنگ ۽ بدعن??ان?? جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخالف ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ، بدعن??ان?? ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن ??ي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مخالف ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سينيٽ چونڊن ۾ بدعن??ان??، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ح??ومت بدعن??ان?? ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ ??ينيٽ چونڊن دوران مخالف ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخالف ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آئون هڪ سوال پڇان ٿو ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن ج?? نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ڪيئن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخالف ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.