اس??ام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي ??ظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جدي?? سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پ??ر پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جدي?? سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پ??ر پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي ??جموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري ل??ءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.