اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهيا آ??ن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪري ??يکاريندس، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻ جهاد آهي، بيشڪ منهنجي حڪومت هلي وڃي اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزير کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آ??ن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، عدالتن ۾ اچي پنهنجي صفائي پيش ڪن، اين آر او جي انتظار ۾ ٻاهر وڃي ڇو ويٺا آ??ن، آبادگار خوشحال ٿي ويا آ??ن، زرعي سڌارا آڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، صحت ڪارڊ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم ??وهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم ??مران خان چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سا?? خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي صورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هلي ويا آهن پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ايران سميت خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي موڪلن دوران خا?? طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي بزرگن جو خيال رکن ڇو ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.