اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاه محمود قريش?? سان بيلجيئم جي نائب پرڏيه?? وزيراعظم۽ پرڏيه?? وزير صوفي وليمز ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ حالتن جي تبديلي جي حوال?? سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق ان موقعي تي ڳالهائيندي شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل ۾ وطن واپسي جي منتظر عالم?? ادارن جي ڪارڪنن ۽ مختلف ملڪن جي سفارتي عملي جي جلد نيڪالي ۾ معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. بيلجيئم جي پرڏيه?? وزير ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي نيڪالي ?? خاص معاونت جي فراهمي تي پرڏيه?? وزير شاه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.