اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ اس??حڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کان??وء?? صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اس??ن چين جي طرف وڃي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اس??ن پاڻ ۾ ڳالهيو?? ڪري رهيا آهيون، اس??ن ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گ??تن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اس??ن دنيا سان شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اس??ن تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.