اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ ??ڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ??يڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏ??ل قومن کي ميڊيا تي جعلي خب??ن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي لاءِ ??ريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خب??ن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽيڪن سٽ?? کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي لاءِ ??يڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خب??ون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ ??ڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??ختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.