اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ڊي ايم ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آ??ي، اي وي ايم جي حوالي سان مخالف ڌر پنهنجا خدشا پاڻ ختم ڪرڻ نٿي چا??ي، اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم لاءِ جيڪا به مدد گهربل هوندي فراهم ڪنداسين، اڳوڻي دور جي ناقص پاليسين جي ڪري اڄ عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آ??ي، شاهد خاقان عباسي مهانگائي جو ورد ڪري رهيو آ??ي، اڄ مهانگائي انهن جي ڪرتوتن جي ڪري آ??ي، ن ليگ ۽ پي پي پي پنهنجي دور جي پاليسيون بهتر رکن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جو بنيادي ايجنڊ بلدياتي چونڊ هو، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊون 19 ڊسمبر تي ٿي رهيون آهن، جتي 17 ضلعن ۾ 37 هزار 752 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو آ??ي، مجموعي طور تي تعلقي چيئرمين ۽ ميئر جي لاءِ 689 اميدوارن ۾ مقابلو آ??ي، جڏهن ته 19282 اميدوار نيبر هڊ ڪائونسلز ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جو نئون اسٽرڪچر ايندو، ان حوالي سان اتحادين سان ڳالهه ٿي آ??ي، وفاقي وزير چيو ته پنجاب جو نئون ??وڪل گورنمينٽ ايڪٽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ٿي ويندو جنهن ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جو رستو هموار ٿي ويندو. هن چيو ته پنجاب جي بلدياتي اليڪشن اي وي ايم تي ٿيندي، پنجاب حڪومت قانون ۾ پهرين ئي ترميم ڪري ڇڏي آ??ي، چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آ??ي، ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي جوڙجڪ م??ن معلوم ٿيندو ته ڪهڙي طرح اي وي ايم تي چونڊون ڪرائڻيُون آهن، ان حوالي سان جيڪا به مدد گهربل هوندي حڪومت فراهم ڪندي. اسان کي بار بار اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون ??ه خريد ڪرڻيون ??ونديون ۽ ان طرح اليڪشن جو پراسيس وڌيڪ سستو ٿي ويندو، هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر سماجي ڀلائي جي مختلف پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، هن چيو ته احساس پروگرام ۽ صحت ڪارڊ پروگرام وڏو منصوبو آ??ي، پنجاب جي لاءِ صحت ڪارڊ جو ساڍا 3 سئو ارب جو پراجيڪٽ هوندو، پنجاب جي سمورن ماڻهن کي 10 لک روپين تائين جي علاج جي سهولت ميسر هوندي، اهڙي سهولت ڪنهن ترقي يافت?? ملڪ ۾ به ميسر نه آ??ي، هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ حڪومتون به ان پروگرام جو هصو بڻجن، بلوچستان پنهنجي آمادگي ظاهر ڪري ڇڏي آهي پر سنڌ اڃان تائين راضپو ظاهر ناهي ڪيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪردار عوام مخالف آ??ي، اسان سمجهون ??ا ته مفت علاج جي سهولت هر پاڪستاني جو حق آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت تي زور ڏيون ??ا ته هو ان پروگرام ۾ شامل ٿئي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي به ان جو فائدو پهچي سگ??ي، هن چيو ته اهو پهريون ??روگرام هوندو جنهن ۾ وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، شايد انهي ڪري سنڌ حڪومت پريشان آ??ي، چوڌري فواد حسين چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. قيمتن جي حساس انگن جي انڊيڪس ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي آئي آ??ي، هن چيو ته اسان جو ڌيان پاڪستان جي اندر عالمي مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ تي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ عام ماڻهو کي فائدو پهچندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي مهانگائي جو ورد ڪري رهيو آ??ي، انجي اهميت لاءِ نه آهي ته اڄ مهانگائي انهن جي ڪرتوتن جي ڪري آ??ي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ پاليسيون بهتر رکن ها ته اڄ اسان کي ٻاهرين دنيا تي ڀاڙڻو نه پوي ها. هن شاهد خاقان عباسي کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري سان گڏ ويهن ڇو ته ن ليگ جي اڪثر ماڻهن ڪڏهن به اخبار پوري ناهي پڙ??ي، انهن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو پهرين سسٽم سمجهي وٺن، قيمتن جي احساس انگن جي انڊيڪس ۾ 40 سيڪڙو انگ اکر ڪراچي کان ايندا آهن. وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عباسي جڏهن گئس جي وزارت سنڀالي هئي ته ان تي هڪ روپئي جو قرض نه هو، جنهن ڏينهن هو وزارت ڇڏي ويو ته 157 ارب روپين جو قرض ڇڏي ويو. ان کانسواءِ هن جيڪي پاليسيون ڏنيون ۽ قرض ورتا اڄ تائين انهن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر پارلياماني پارٽي ۾ شرڪت لاءِ تيار نه آ??ي، اهي ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آ??ي، اي وي ايم جي حوالي سان مخالف ڌر پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ نٿي چا??ي، هن چيو ته اسان مخالف ڌر کي وڏن سڌارن تي دعوت ڏيندا آهيون ته هو اچن ۽ ڳالهه ڪن پر اهي سڌارن جي طرف نه اچي رهيا آهن، هو نظام بدلائڻ ئي نٿا چاهين، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن جو موقف اچي ويو آ??ي، ٽيڪنيڪل ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن، اي وي ايم لاءِ جيڪي به فنڊز گهربل هوندا اسان ڏينداسين.