اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خد??م شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي ت??اون اطمينان جوڳو آهي. گذريل سال ??اڪ??تاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي ??اڪ??تان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي ت??بيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام جي مظهر آهي، پرڏيهي وزير ??اڪ??تان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان التوا ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي ??اڪ??تان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آهيون.