اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ آئل ٽينڪر ح??دث?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چ??و آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن موجب زخمين کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري ره??و آهي ۽ متاثرين جي هر ممڪن امداد لاءِ س??ورا وسيلا استعمال ?? آندا پيا وڃن. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اهو هڪ وڏو ۽ افسوسناڪ سانحو آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پورو ڌيان متاثرين جون جانيون بچائڻ تي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج ۽ ريسڪيو ادارا متاثرين جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن.