اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تم??م گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صو??تح??ل جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.