اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن سال عيدالفطر جي موقعي تي عالمي دنيا مشڪل ??زمائ?? مان گذري رهي آهي، ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا پريشان آهي، احت??اط?? تدبيرون ئي ان جي روڪٿام جو واحد طريقو آهي، عيد جي خوشين ۾ ضرورتمند ۽ پيڙهيل طبقي کي هرگز نظرانداز نه ڪريو. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيدالفطر 1441هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.