اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خ??ن چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پي?? ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي ر??ور?? 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 م??جزاتي طور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ ر??ور?? سامهون اچڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، شروعاتي ر??ور?? سامهون اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.