اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به مع??وم??ت ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ??ي??س وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرض?? تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.