اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪ??ت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خط??و اڃا به موجود آهي، حڪ??متي ڪوششن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذر??عي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خد??ت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.