اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪ??مي?? جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان ??گا??ه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪ??مي?? جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان ??گا??ه ڪيو ويو ۽ گڏيل ??وم?? تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪ??مي?? ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون ت??ز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪ??مي?? ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان ??گا??ه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان ??گا??ه ڪيو.