اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مخ??لف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آه??، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀاري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پ??هن??ي پ??هن??ي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گهر آه??، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏهاري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقاد جو بهترين قدم کنيو آه??، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن، مصنفي??، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ور??ائ?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.