اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دوران پارليا??ين?? جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليا??ين?? جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان ??انسواءِ پاڪستان ??ي ڀارت طرفان ??نل ڌمڪي کي بحث هيٺ ??ڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليا??ين?? جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليا??ين??ري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.