اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ ??اء?? سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏه?? ته ??زي??اعظم چيو آهي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ??اء?? فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ ??اء?? ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي ??اء?? قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلا?? کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آ??ڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، ??زي??اعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.