اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سو??ڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پارا?? ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته اح??جا?? ڪرڻ مخالف ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن اح??جا?? جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر پارٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته م??سڪ پائي اح??جا?? ڪن.