اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآم?? جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرن?? آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرن?? آئل (ايل ايس ايف او) جي گ??رج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرن?? آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گ??رج کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فرن?? آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائي.