اسلام آباد ??? 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بجلي واري شعبي کي گئس جي مناسب دستيابي کي نظر ۾ رکندي تيل تي ٻڌل پاور پلانٽس کي مرحليوار گ??ٽ کان گهٽ ممڪن وقت ۾ گئس تي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انهن قدمن سان نه رڳو ملڪ جي تيل جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ايندي پر بجلي جي وڌ کان وڌ دستيابي يقيني ٿيندي، هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي پيداوار ۽ ملڪ ۾ گهرج ۽ پهچ جي جائزي جي ا??لا?? جي صدارت ڪندي چئي. ا??لا?? ۾ بجلي جي پيداوار بابت ڪاٿو ۽ نومبر 2017ع کان فيبروري 2018ع تائين اين??ڙ چئن مهينن ۾ متوقع گهرج ج?? به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مختلف ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان مليل انگ اکرن موجب اين??ڙ چئن مهينن ۾ سراسري گهرج ج?? ڪاٿو تقريبن 14 هزار 452 ميگاواٽ آهي.