پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي علائق?? جي انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين ع??ائقن جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظه??ر وزيراعظم عمران خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.