اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري اهم ڪردار ادا ڪري رهي ??هي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته اقليتن جي فلاح ۽ ڀلائي کانسواءِ مديني جي رياست جو خواب اڌورو ره??دو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ان خواب کي عملي جامع?? پارائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي.