راولپنڊي – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، آپريشنل تيارين ۽ دهشتگرد?? خلاف جنگ ۾ قربانين کي ساراهيندي چيو آه?? ته قوم جي حمايت ۽ هڪ جهڙي قوم سوچ ذريعي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آ??ي وٺنداسي??، حڪومت پاڪ فوج جي صلاحيت ۽ سگهه کي برقرار رکڻ جي لاءِ گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه دفاع، پرڏيهي معاملن، ناڻي، اطلاعات وارن وفاقي وزيرن، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري سان گڏ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دوري جي موقعي تي چئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جي ايڇ ڪيو اچڻ تي وزيراعظم کي فوج جي دستي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.