اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي ب??نڪ سان حصيداري کي گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه ??تي پاڪستان ۽ عالمي ب??نڪ جي وچ ۾ توانائي ب??بت هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر جي ٻن معاهدن تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي چئي. اهي ٻئي معاهدا خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي منص??بن بابت آهن، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جي منص??بن تي 45 ڪروڙ ڊالر لاڳت ايندي، داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي پهرين فيز تي لاڳت جو ڪاٿو 70 ڪروڙ ڊا??ر آهي، خيبرپختونخوا ۾ هائيڊرو پاور ۽ متبادل توانائي جو منصوبو هڪ ترقياتي پروگرام آهي جنهن سان صوبي ۾ متبادل توانائي جي وسيع صلاحيت مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي.