پشاور – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2020ع پاڪست??ن ۽ ان جي عوام جي خوشحالي جو سال هوندو ۽ هن سال اسان جي پاليسين جو مرڪز عام پاڪستاني شهرين سميت گهٽ پگهاردار طبقي جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ، انهن لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ، نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ هو??دو. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن نوشهره ۾ اضا خيل ڊرائي پورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.