بيجنگ- 02 جون (اي پي پي) چين تائيوان جي ٻيهر اتحاد تي پنهنجو ??وقف واضح ڪندي چيو آهي ته هو تائيوان جي چين سان پرامن اتحاد جون انتهائي مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو پر هو ان مقصد لاءِ تائيوان جي حڪومت خلاف طاقت جي استعمال جي حق کان هٿ ??ه کڻندو. چيني اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب چيني دفاع واري وزير لي شانگ فو واضح ڪي?? ته سندن ملڪ تائيوان جو ??اڻ سان ٻيهر اتحاد لاءِ طاقت جي استعمال جي حق کي هر گز ختم نه ڪندو. هوڏانهن روسي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته چيني دفاع واري وزارت تائيوان جي معا??لي ۾ پرامن مفاهمت جي اميد جو اظهار ڪي?? پر گڏ ئي ان معا??لي ۾ غير ملڪي مداخلت جي خلاف خبردار پڻ ڪي??. چيني دفاع واري وزارت جي ترجمان ٽين ڪي??ي چيو ته اسان تائيوان جي حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي عملدارن طرفان تائيوان جي آزادي لاءِ پرڏيهي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين ۽ نه ئي اسان پرڏيهي طاقتن طرفان تائيوان کي چين تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪنهن ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين.